پاھوڙي جي ماڙي

پاھوڙي جي ماڙي: هي دڙو ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ شاھڪپور کان پنج ڪلو ميٽر اوڀر ۾ آهي. ھن ماڳ تي اسلامي دور جو ٺڪراٺو ۽ ٻيون وٿون ملن ٿيون. ڪافي ايراضيءَ ۾ ھي دڙو پکڙيل آھي. شاھڪپور جو مشھور بندر ويجھو ھجڻ ڪري اھميت وارو ماڳ آھي. اڃا کوٽائي ڪانه ٿي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو